چِيڻو 2

چِيڻو 2: چيڻو گيت جو قسم آهي، جيڪو چيڻي (فصل) پوکڻ ۽ ان جي لوب وقت ڳاتو ويندو آهي. چيڻي فصل ۽ زمين جي خوشحاليءَ جو موضوع هوندو آهي، جنهن ۾ هاري ناري ۽ زميندار جو فائدو هوندو آهي، اُن ڪري ان موقعي تي سڀ شريڪ ٿيندا آهن ۽ دهلن جي وڄت تي چيڻو ناچ ڪندا آهن. چيڻي ناچ جو طريقو هيٺين طرح آهي:
چيڻو ٻن نمونن جو ٿيندو آهي. هڪڙو گول دائري وارو ۽ ٻيو هڪ يا ٻن ڄڻن وارو.
گول دائري وارو چيڻو: گول دائري واري چيڻي ۾ سڀ کيڏندڙ دائري ۾ ٿي بيهندا آهن ۽ سامهين پاسي جھُڪي تاڙي هڻي، ٻئي هٿ کاٻي ڪلهي جي مٿان آڻي، هٿن جون آڱريون سامهين پاسي اڇلي منهن جي سامهون آڻي، آڱريون اندرئين پاسي موٽائي، اڌ ڀڪوڙيل مُٺ ٺاهي، وري يڪدم ساڄي ڪلهي جي مٿان هٿ نيئي کولي يعني آڱريون سامهين پاسي اڇلي، پوءِ ڦيري کائي دهلن کي پٺ ڏيئي پٺئين پاسي به ساڳيءَ طرح ٽيئي تال پورا ڪري، وري ڦيرو کائي، دهلن کي سامهون ٿي تاڙي هڻندا آهن. هن چيڻي کيڏڻ وقت هيٺيون گيت چوندا آهن:
چِيڻا، چَڱِي رهڪي هَئي جو واه! چيڻي دا ڀت،
چِيڻا، اڃا راڌا نين، ڪڇيج ڳئي اڳي ڪَڇ.
گھر وچ ڪچي ڪوڏي نين روپائي ڀريسون سَٺِ،
او چيڻا اين ڇڙيندا، او چيڻا اِن ڇڙيندا.
چيڻا اين ڇڙيندا يار، جيوين چاول ڇڙيندي،
چيڻا اين ڇڙيندا،
ٽيئي مصرائون ٻه ٻه دفعا چوندا آهن.
هڪ يا ٻن ڄڻن وارو چِيڻو: هن چيڻي کيڏڻ وقت کيڏندڙ دهلن کان پر ڀرا سامهون ٿي بيهندا آهن ۽ اتان اڳتي وڌڻ شروع ڪندا آهن يعني سندن کڙيون هڪٻئي سان مليل هونديون آهن ۽ سندن پيرن جي بيهڪ هن طرح هوندي آهي ”<“ ۽ جڏهن نقارچي وٽ پهچندا آهن، تڏهن هٿ نقارن جي بلڪل نزديڪ ڇنڊي ڦيري کائي پٺتي هٽڻ شروع ڪندا آهن. ٻنهي حالتن ۾ منهن نقارچيءَ ڏانهن رهندو اٿن. ڪڏهن ساڄي ڪلهي جي سامهون پيا هٿ چوريندا ته گھڻو وقت انهيءَ طرف ئي پيا چوريندا ۽ ڪڏهن وري ڏائي پاسي هٿ چورڻ شروع ڪيائون ته رڳو انهيءَ پاسي ئي چوريندا رهندا ۽ سندن چيلهه مخالف پاسي جھڪيل هوندي آهي. هٿ به اندر ورائي پيا ڀڪوڙيندا ته وري ٻاهرئين پاسي پيا کوليندا ۽ سامهين پاسي پيا آڱريون ڇنڊيندا.
وراڻي:
چيڻو ڪما نگر ڪيئن ڇڙجي؟
چيڻو ڪما نگر هيئن ڇڙجي.
ائين ڇڙجي جيئن الله ڪري،
اهو ڇڙي ڇنڊي ادل ماءُ ڏنو
چيڻو ڪما نگر ڪيئن ڇڙجي؟
ائين ڇڙجي جيئن موليٰ ڪري،
اهو ڇڙي ڇنڊي جيجل مائيءَ ڏنو
چيڻو ڪما نگر ڪيئن ڇڙجي؟
ائين ڇڙجي جيئن الله ڪري،
اهو ڇڙي ڇنڊي سوڍل ڀيڻ ڏنو
چيڻو ڪما نگر ڪيئن ڇڙجي؟
ائين ڇڙجي جيئن الله ڪري.
چيڻو مقبول گيت آهي. جديد سنڌي شاعرن مان شيخ اياز ۽ نياز همايونيءَ ’چيڻو گيت‘ لکيا آهن.
چيڻو ڪو نه ڇڙيندي سانءِ، چيڻو ڪو نه ڇيڙيندي سانءِ!
(شيخ اياز)


هن صفحي کي شيئر ڪريو